جنگ مياڻي

جنگ مياڻي

جنگ مياڻي

جنگ مياڻي (ڪتاب ):’جنگ مياڻي‘ ڪتاب قادر بخش نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. نظاماڻي صاحب ڪتاب ۾ ڪن تاريخي غلط بيانين جو پردو چاڪ ڪري، حقيقتن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي ميرن جي زوال جو سبب بڻيون. هن ڪتاب ۾ ليکڪ انگريزن بابت لکي ٿو ته ”انگريزن گهڻو عرصو اڳ ڳوڙهي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ سنڌ تي قبضو ڪري، ان کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن خاموشيءَ سان مختلف بهانن سان سنڌ جي چپي چپي جي سروي پئي ڪئي ۽ مير حڪمرانن جي وزيرن ۽ ٻين درٻارين کي ڳجهه ڳوهه ۾ رشوتون ڏئي پاڻ سان ملائي، انهن جي ئي معرفت ميرن کي خوفزده ڪندا رهيا ته انگريز نهايت طاقتور آهي. ان سان وڙهڻ جو خيال ڪرڻ به اجايو آهي. اهڙيءَ طرح نفاق جو ٻج ڇٽي جنگ لاءِ باقاعدي فضا پيدا ڪئي ويئي. ڪتاب جي ’تمهيد‘ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب جي لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي مسودي جي نظرثاني سيد حسام الدين شاهه راشدي صاحب ڪئي آهي. ڪـتـاب جـو پهـريـون ڇـاپـو، 1947ع ۾ ۽ ٻيـو ڇاپو 2004ع ۾ شايع ٿيو. 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي. هن ڪتاب کي گلشن پبليڪيشن ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو